آبش بھراڻي

آبش بھراڻي

آبش بھراڻي

آبش بھراڻي: سنڌ ڄائي جمناسٽڪ جي عالمي رانديگرياڻي آبش بھراڻي جو جنم 27 جولاءِ 2006ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿيو. هن وقت 11 درجي ۾ پڙهي ٿي. سندس تعلق موري، ضلعي نوشھري فيروز جي هڪ ڳوٺ سان آهي. سندس سڃاڻپ هڪ جمناسٽڪ طور رهي آهي. ڪئناڊا جي سڀ کان وڏي صوبي اونٽاريو ۾، صوبائي سطح تي ٿيندڙ جمناسٽڪ جي مقابلن ۾ حصو وٺندي رهي آهي. چيمپئن جمناسٽڪس پيٽربرو ڪلب طرفان صوبائي ٽيم ۾ پڻ شامل آهي. 2022ع جي ڪيترن ئي عالمي مقابلن ۾ گولڊ ميڊل کٽيل اٿس، جن ۾ 8 ميڊل پھرين پوزيشن جا ۽ پنج 2 پوزيشن جا شامل آهن. فيبروري 2023ع ۾، آمريڪا جي رياست فلوريڊا ۾ جمناسٽڪ جي عالمي مقابلي ۾ شريڪ ٿي پھرين پوزيشن حاصل ڪئي. مشھور سماجي اڳواڻ امداد بلوچ جي پوٽي ۽ سنڌي موسيقي ۽ ثقافت سان پيار ڪندڙ شاهد علي بھراڻي جي نياڻي آهي. هن وقت اونٽاريو (ڪئناڊا) ۾ رهي ٿي.


لفظ آبش بھراڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

2006.07.27  عيسوي

سنڌ ڄائي جمناسٽڪ جي عالمي رانديگرياڻي آبش بھراڻي جو جنم 27 جولاءِ 2006ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

راني
حسين بخش وڳڻ
بصرالدين سيوهاڻي حڪيم
علياڻي ڪبير خان
بچل شاهه مياڻي وارو
دودو خان
فقير عبدالله ٿيٻو
فتح علي جتوئي
ڊنشا دستور
پير وفا راشدي ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون